- Advertisement -
خيبرپختونخوا جي گورنر علي امين گنڊاپور طرفان استعيفى تي اعتراض تي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو رد عمل سامهون اچي ويو.
ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور سوشل ميڊيا تي جاري پيغام ۾ لکيو ته هن پنهنجون ٻئي استعيفائون 8 ۽ 11 آڪٽوبر تي پنهنجي صحيح سان جمع ڪرايون هيون.
علي امين گنڊاپور جو چوڻ آهي ته 8 آڪٽوبر واري استعيفيٰ کي پهريان رد ڪيو ويو هو، هاڻ ان کي مڃيو ويو آهي.
علي امين سوشل ميڊيا تي گورنر جي پوسٽ جو جواب ڏيندي ٻنهي استعيفائن جي ڪاپي به شيئر ڪئي.
ياد رهي ته گورنر خيبرپختونخوا فيصل ڪريم ڪن ڊي علي امين جي صحيح تي اعتراض لڳائي ان جي استعيفى واپس ڪري ڇڏي آهي.- Advertisement -
