تازه ترين

خيبرپختونخوا حڪومت آءِ جي اسلام آباد سميت ٻين تي ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو

- Advertisement -
خيبرپختونخوا حڪومت آءِ جي اسلام آباد سميت ٻين تي ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪي پي حڪومت جي ترجمان بئريسٽر ڊاڪٽر محمد علي سيف جو چوڻ آهي ته ڪي پي هائوس تي چڙهائي دوران ڪيتريون ئي قيمتي شيون گم آهن، صوبائي ڪابينا آءِ جي اسلام آباد ۽ ٻين تي ڪيس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، زيادتي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. خيبرپختونخوا حڪومت آءِ جي اسلام آباد سميت ٻين تي ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پشاور پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر محمد علي سيف چيو ته آءِ جي اسلام آباد ۽ ٻين تي خيبرپختونخوا هائوس تي حملي جي ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي. سندس چوڻ هو ته ڪي پي هائوس تي چڙهائي دوران گاڏيون ۽ فرنيچر ٽوڙي سرڪاري اهلڪارن کي هيسايو ويو، جڏهن ته هائوس مان ڪيتريون ئي قيمتي شيون گم آهن. ڪي پي حڪومت جي ترجمان بئريسٽر ڊاڪٽر محمد علي سيف چيو ته صوبائي ڪابينا آءِ جي اسلام آباد ۽ ٻين تي ڪيس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، زيادتي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.1 ° C
22.1 °
22.1 °
10 %
6.3kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
37 °
خميس
37 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون