تازه ترين

خيبرپختونخوا ۾ سڪيورٽي فورسز جي مختلف ڪاررواين ۾ 23 دهشتگرد مارجي ويا

- Advertisement -
خيبرپختونخوا ۾ سڪيورٽي فورسز جي مختلف ڪاررواين ۾ 23 دهشتگرد مارجي ويا، دهشتگردن سان مقابلي دوران پاڪ فوج جي ستن جوانن شهادت ماڻي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته ڪي پي ۾ سڪيورٽي فورسز 3 ڌار ڌار ڪارروايون ڪيون ۽ اثرائتي نموني دهشتگردن جي ٿاڪن جو پتو لڳايو. ترجمان چيو ته 26 مئيتي ڳجهي اطلاع تي پشاور جي علائقي حسن خيل ۾ آپريشن ڪيو ويو، جنهن ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا ۽ سندن ٿاڪ به تباهه ڪيا ويا. آءِ ايس پي آر موجب ڪارروائي دوران ڪيپٽن حسن جهانگير ۽ حوالدار شفيق الله بهادريءَ سان وڙهندي شهادت ماڻي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته 27 مئي تي ٽانڪ ۾ آپريشن ڪيو ويو، جنهن ۾ 10 دهشتگرد مارجي ويا. خيبر ضلعي ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا پنج جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب شهيدن ۾ نائڪ محمد اشفاق بٽ، لانس نائڪ سيد دانش افڪار، سپاهي تيمور ملڪ، سپاهي نادر صغير ۽ محمد ياسين شامل آهن. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشترد سڪيورٽي فورسز ۽ معصوم شهرين خلاف دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث هئا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.7 ° C
23.7 °
23.7 °
55 %
2.6kmh
3 %
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون