- Advertisement -
خيرپور ميڊيڪل ڪاليج ۾ پنهنجن کي نوازڻ وارو سلسلو رڪجي نه سگهيو، ڊاڪٽرن کي جعلي سرٽيفيڪٽ ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر رخسار شاھاڻي ڊاڪٽر آصف کي تجربي وارو جعلي سرٽيفڪيٽ ڏئي پي ايم ڊي سي وٽ اھل ڄاڻائي کيس ميڊيڪل آفيسر مان سينئر رجسٽرار مقرر ڪرائي ڇڏيو آهي.
ڊاڪٽر آصف کي 2022 ۾ غيرقانوني طور سينئر رجسٽرار واري رجسٽريشن سلپ سنڌ ٽي وي نيوز ھٿ ڪري ورتي آهي.
ڊاڪٽر آصف خاصخيلي 2022 ۾ جعلي تجربي جي سرٽيفڪيٽ تي سينئر رجسٽرار رهي چڪو آھي.
ساڃاهه وندن ڳڻتي ظاھر ڪندي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا پيچوھو ۽ سيڪريٽري فرحان بلوچ کان معاملي جي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.- Advertisement -
