- Advertisement -
دادو ۾ اينٽي انڪروچمينٽ جي اهلڪارن پاران رشوت وٺڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي، اسسٽنٽ ڪمشنر نوٽيس وٺي اهلڪارن کي خلب ڪري ورتو آهي.
اينٽي انڪروچمينٽ سيل جي اھلڪارن پاران ھوٽلن تان رشوت وٺڻ واري وائرل ٿيل وڊيو ۾ موبائيل تي سوار اھلڪار منير ملاح کي ھوٽل مالڪ کان رشوت وٺندي ڏسي سگھجي ٿو.
ياد رهي ته ڪجھه ڏينھن اڳ رشوت نه ڏيڻ تي اينٽي انڪروچمينٽ جو ايس ايڇ او عابد زرداري ۽ منشي عاشق جلباڻي ھوٽل تان ڪرسيون ۽ ٻيو سامان کڻي ويا ھئا.
سامان واپس ڪرڻ لاءِ اينٽي انڪروچمينٽ جي اھلڪار ھوٽل مالڪ سان رابطو ڪري کائنس رشوت طلب ڪئي هئي.
ٻي طرف سنڌ ٽي وي نيوز تي خبر نشر ٿيڻ بعد اسسٽنٽ ڪمشنر دادو شاهنواز ميراڻي نوٽيس وٺندي اينٽي انڪروچمينٽ فورس جي اهلڪارن کي 4 جون تي طلب ڪري ورتو آهي.
اسسٽنٽ ڪمشنر دادو شاهنواز ميراڻي جو چوڻ آهي ته اينٽي انڪروچمينٽ جي اهلڪار پاران رشوت وٺڻ تي سندس خلاف محڪماڻي ڪارروائي ڪئي ويندي .- Advertisement -
