- Advertisement -
دوداپور ويجهو رٽائرڊ پوليس اهلڪار مبينا طور گهرو اڻبڻت سبب آپگهات ڪري ڇڏيو.
ڳوٺ ڪوٽڙي واسي رٽائرڊ پوليس اهلڪار الهورايو کوکر گهر ڀرسان وڻ ۾ ڦاهو کائي زندگي جو انت آندو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته ٻڌايو پيو وڃي ته رٽائرڊ پوليس اهلڪار مبينا طور گهرو اڻبڻت سبب آپگهات ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
