راولپنڊي جي ڪمشنر لياقت علي چٺا عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي تي پاڻ کي پوليس حوالي ڪرڻ ۽ استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
راولپنڊي جي ڪمشنر لياقت علي چٺا عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي تي پاڻ کي پوليس حوالي ڪرڻ ۽ استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته عام چونڊن ۾ وڏي پئماني تي ڌانڌلي ٿيڻ جي ذميواري قبول ڪري رهيو آهي، جيڪي ماڻهو رات جو هارائي رهيا هئا کين صبح جو کٽرايو ويو، هنن 14 اميدوارن کي غيرقانوني طور تي ڪامياب ڪرايو آهي. پنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪمشنر لياقت علي چٺا چيو ته هن راولپنڊي ڊويزن ۾ ناانصافي ڪئي آهي، سڄي قوم سان ظلم ڪيو آهي، هو پنهنجي رٽرننگ آفيسرن کان معافي گهري ٿو. سندس چوڻ هو ته جيڪي ماڻهو رات جو هارائي رهيا هئا کين هنن صبح جو کٽرائي ڇڏيو، هو سمورن بيورو ڪريٽ کي چئي ٿو ته ڪوبه غلط ڪم نه ڪري. راولپنڊي جي ڪمشنر لياقت علي چٺا چيو ته هو غلط ڪم ڪرڻ تي ڏوهه تي پاڻ کي پوليس حوالي ڪري ٿو، هنن 13 اميدوارن کي غيرقانوني طور تي ڪامياب ڪرايو آهي. هن چيو ته کيس اليڪشن ڪرائڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو پر هو شفاف اليڪشن ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيو، هن ماڻهن کي 70 هزار ووٽن تان کٽرايو، کين جيئڻ جو ڪو حق ناهي راولپنڊي جي ڪمشنر چيو ته هن وقت به راولپنڊي ۾ جعلي ٺپا لڳايا پيا وڃن، کين غلط ڪم ڪرڻ لاءِ سخت دٻاءُ وڌو ووي، هو قوم کان معافي گهري ٿو. لياقت علي چٺا چيو ته هو پنهنجي ڏوهه تي پاڻ کي پوليس حوالي ڪري ٿو کيس سزا ڏني وڃي، هن صبح فجر جي نماز بعد آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
12.5 ° C
12.5 °
12.5 °
35%
2.9m/s
34%
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °
سُومر
21 °

تازه ترين خبرون