راڻيپور: فاطمه ڪيس ۾ صحافين کي ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدار جو 3 ڏينهن رمانڊ منظور

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

راڻيپور جي عدالت فاطما ڦرڙو ڪيس ۾ رنڊڪ وجهڻ، صحافين ۽ پوليس کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ جوابدار اڪبر ڪلهوڙي کي ٽن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

راڻيپور جي عدالت ۾ فاطما ڦرڙو ڪيس ۾ رنڊڪ وجهڻ، صحافين ۽ پوليس کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران پوليس جوابدار اڪبر ڪلهوڙي کي عدالت ۾ پيش ڪيو.

عدالت جوابدار اڪبر ڪلهوڙي کي ٽن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي جوابدار اڪبر ڪلهوڙي چيو ته جذبات ۾ اچي صحافين ۽ پوليس آفيسرن کي گهٽ وڌ ڳالهايو جنهن تي هو شرمسار آهي، هو صحافين ۽ پوليس آفيسرن کان معافي وٺي ٿو.

پوليس موجب، ڪيس ۾ ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ چاپا هنيا پيا وڃن.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.3 ° C
22.3 °
22.3 °
46%
2m/s
0%
ڇنڇر
27 °
آچر
29 °
سُومر
30 °
اڱارو
32 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون