- Advertisement -
ربيع الاول مهيني جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو.
مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت ۾ ربيع الاول مهيني 1446 هجري جو چنڊ ڏسڻ لاءِ اجلاس اڄ اسلام آباد ۾ ٿيندو.
اجلاس ۾ عالم سڳورا، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي وزارت، موسميات کاتو ۽ سپارڪو جا نمائندا شريڪ ٿيندا.
ان حوالي سان زونل چنڊ ڏسڻي ڪميٽين جا اجلاس صوبائي هيڊ ڪوارٽرز ۾ ٿيندا.
واضح رهي ته ربيع الاول ۾ آخري نبي حضرت محمد صه جي ولادت جو جشن ملهايو ويندو آهي ۽ ملڪ ۾ مسجدن، عمارتن ۽ شاهراهن کي ساون جهنڊن ۽ رنگبرنگي بتين سان سينگاريو ويندو آهي.- Advertisement -
