- Advertisement -
رتيديري ۾ بيڪري کي باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل پورهيت زخمن جي سٽ نه سهندي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.
بيڪري ۾ باهه لڳڻ سبب زخمي ٿيل پورهيت رضوان علي ڀٽو ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.
پورهيت جي فوت ٿيڻ جي اطلاع بعد گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.
ڪجهه ڏينهن پهريان رتيديري جي ٻپڙ پاڻي ۾ قائم بيڪري ۾ باهه لڳڻ سبب پورهيت رضوان ڀٽو زخمي ٿي پيو هو.- Advertisement -
