تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

زراعت ملڪي معيشيت ۾ ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکي ٿي، گورنر سنڌ

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري چيو آهي ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي، زراعت ملڪي معيشيت ۾ ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکي ٿي، هن سال وفاقي بجيٽ ۾ زرعي شعبي لاءِ خاص مراعتون تجويز ڪيون آهن.

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري پهرين عالمي فوڊ اينڊ ايگريڪلچرل نمائش جو افتتاح ڪري ڇڏيو.

گورنر ڪامران ٽسوري نمائش جي مختلف اسٽالن جو دورو به ڪيو.

ان موقعي تي سيڪريٽري ڪامرس محمد احمد فاروقي ۽ ٽڊاپ چيئرمين زبير  موتي والا به موجود هو.

ان موقعي تي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري چيو ته پهرين عالمي فوڊ اينڊ ايگريڪلچرل نمائش ڪرائڻ سٺو سنوڻ آهي، هو سڄي دنيا مان آيل 6 سئو کان وڌيڪ نمائندن کي ڀليڪار چئي ٿو.

سندس چوڻ هو ته  پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي، زراعت ملڪي معيشيت ۾ ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکي ٿي، هن سال وفاقي بجيٽ ۾ زرعي شعبي لاءِ خاص مراعتون تجويز ڪيون آهن جنهن ۾ ٻج گهرائڻ تي ڊيوٽي کان ڇوٽ ۽ ڪمبائن هارويسٽر تي سيلز ٽيڪس جو خاتمو شامل آهي.

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري چيو ته دنيا ۾ پاڪستان چانور جي پيداوار ۾ ڏهين، ڪڻڪ ۾ 8، انبن ۾ چوٿين ۽ کجي ۾ ڇهين ۽ ڪڻڪ جي پيداوار ۾ پنجين نمبر تي آهي.

سندس چوڻ هو ته سندن زرعي شيون ٻاهر اماڻڻ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي جيڪو گذريل ڏهن سالن ۾ ٻيڻو اضافو آهي. سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري چيو ته حڪومت واپاري ڀائيوارن لاءِ هر طرح جي سهولت فراهم ڪري رهي آهي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
16.8 ° C
16.8 °
16.8 °
44 %
2.2kmh
0 %
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون