- Advertisement -
سانگھڙ ۾ واپڊا ملازم جي پٽ مبينا طور گهرو پريشانين سبب ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو.
واپڊا ملازم سائين خاصخيلي جي نوجوان پٽ شھباز خاصخيلي گھرو پريشاني سبب گھر اندر ڦاهو کائي پنهنجي زندگيءَ جو انت آندو.
پوليس واقعي واري هنڌ پھچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي.
نوجوان جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.- Advertisement -
