- Advertisement -
ستاويهين آئيني ترميم بابت پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جو اجلاس بلاول هائوس ڪراچي ۾ ٿي رهيو آهي.
شام ستين وڳي ٿيندڙ اجلاس جي صدارت پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪندو، جنهن ۾ صدر آصف علي زرداري به شريڪ ٿيندو.
سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي کي 27هين آئيني ترميم بابت حڪومتي ڊرافٽ تي اعتماد ۾ ورتو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي 27هين آئيني ترميم جي ڪجهه نقطن تي متفق ٿي وئي آهي، جڏهن ته ارڙهين ترميم جا اختيار واپس، اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جي حصي مان ڪٽوتي ۽ صوبائي کاتن جي وفاق منتقلي تي اعتراض آهن.
سي اي سي اجلاس ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ بابت به غور ڪيو ويندو، پ پ جا آئيني ماهر اجلاس کي بريفنگ ڏيندا.
سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ اڳواڻ پريس ڪانفرنس ڪندا.
- Advertisement -
