تازه ترين

پي ٽي آءِ باني جي آزادي جي ڪوششن ۾ سندس ڪو ڪردار ناهي :مولانا فضل الرحمان

- Advertisement -
جمعيت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سدائين  آئين ۽ جمهوريت تي رات جي وقت ڌاڙو هنيو ويو، جمهوريت جي ڪمزوري ۾ سياستدانن جو وڏو ڪردار آهي. لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته سياستدانن پنهنجن مفادن لاءِ جمهوريت تي سمجهوتو ڪيو. هن چيو ته نئين قانون ذريعي ملڪ جي هر شهريءَ کي شڪي بڻايو ويو آهي. جي يو آءِ سربراهه چيو ته هو نه آمريڪي سياست ۾ مداخلت ڪن ٿا ۽ نه ئي انهن کي اجازت ڏئي سگهن ٿا، آمريڪا ۾ ريپبلڪن حڪومت هجي يا ڊيموڪريٽس، دنيا لاءِ سندن پاليسي ساڳي آهي. سندس چوڻ هو ته هو ڪنهن به سياستدان کي قيد ڪرڻ جي حق ۾ ناهي، پي ٽي آءِ باني جي آزادي جي ڪوششن ۾ سندس ڪو به ڪردار ناهي. مولانا فضل الرحمان لنڊن ۾ خواجا آصف سان پيش آيل واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته برطانيا کي خواجا آصف جي ڪيس ۾ قانوني ڪارروائي ڪرڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
34.2 ° C
34.2 °
34.2 °
3 %
9.4kmh
0 %
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
37 °
جمعو
35 °

تازه ترين خبرون