تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سعودي عرب جي راڄڌاني رياض ۾ مقرر پاڪستاني سفير احمد فاروق صحافين کي بريفنگ

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سعودي عرب ۾ مقرر پاڪستاني سفير احمد فاروق چيو آهي ته سعودي مارڪيٽ ۾رڪارڊ واپاري سرگرمين سبب گذريل ٻن سالن دوران 563 ڏهائي 47 ملين ڊالرن جو پاڪستاني سامان گهرايو ويو آهي.

سعودي عرب جي راڄڌاني رياض ۾ مقرر پاڪستاني سفير احمد فاروق صحافين کي بريفنگ ڏيندي چيو ته سعودي عرب سان ويجهن لاڳاپن جي باوجود گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان واپاري لاڳاپا نه وڌيا آهن، پر گذريل ٻن سالن دوران ان ۾ اضافو ٿيو آهي.

سندس چوڻ هو ته سعودي مارڪيٽ ۾ پاڪستاني شين جو واهپو وڌي ويو آهي جيڪو 563 ڏهائي 47 ملين ڊالرن تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته سندن هدف ته هر سال هڪ بلين ڊالر تائين وڌائڻ آهي.

سعودي عرب ۾ مقرر پاڪستاني سفير احمد فاروق چيو ته سي پيڪ، جهڙي وڏي منصوبي ۾ سعودي عرب ۽ ٻين نار ملڪن کي دعوت ڏني وئي آهي ته وڏن منصوبن ۾  به اضافو ڪيو ويو آهي، سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ جي دعوت ڏني وئي جنهن سان پاڪستان جي معيشت تي بهتر نتيجا نڪرندا.

پاڪستاني سفارتخاني جي واپار ۽ سيڙپڪاري واري وزير اظهر علي ڏاهر چيو ته سعودي عرب سڄي دنيا مان هر سال 17 ملين ڊالرن جون کاڌي پيتي جون شيون گهرائيندو آهي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي انڪري هو پنهنجي زرعي شين ۽ شين جي استعمال ۾ اضافو ڪري سگهن ٿا ان لاءِ ضروري آهي ته پاڪستان جا ايڪسپورٽر سعودي عرب جي وڏي مارڪيٽ مان فائدو وٺن.

پاڪستاني سفارتخاني جي واپار ۽ سيڙپڪاري واري وزير اظهر علي ڏاهر چيو ته جيئن جيئن سعودي عرب ۾ پاڪستاني شين جي طلب وڌي رهي آهي، هو جلد ئي هڪ ارب ڊالرن جو هر سال هدف حاصل ڪري وٺندا، پاڪستان-سعودي جوائنٽ بزنس ڪائونسل ۽ سفارتخانو پاڪستان ٽريڊ مشن جي رهنمائي ڪري رهيو آهي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
16.8 ° C
16.8 °
16.8 °
44 %
2.2kmh
0 %
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون