سعودي عرب پاڪستان کي معاشي طور مضبوط ڏسڻ چاهي ٿو : سعودي سيڙپڪاري واري نائب وزير

- Advertisement -
سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري نائب وزير ابراهيم بن يوسف المبارڪ چيو آهي ته سعودي عرب پاڪستان کي معاشي طور مضبوط ڏسڻ چاهي ٿو، وڏي انگ ۾ پاڪستاني سعودي عرب جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، سعودي سيڙپڪار پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکن ٿا، سعودي عرب پاڪستان کي سيڙپڪاري لاءِ انتهائي اهم سمجهي ٿو، سعودي حڪومت ۽ ڪمپنيون سيڙپڪاري لاءِ پاڪستان کي ترجيح ڏئي رهيا آهن. اسلام آباد ۾ پاڪستان سعودي عرب سيڙپڪاري فورم 2024ع جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ابراهيم بن يوسف المبارڪ چيو ته هو پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ خانگي ۽ سرڪاري شعبي ۾ ڀائيواري کي بلندين تائين وٺي وٺڻ چاهن ٿا. سندن چوڻ هو ته وڏي انگ ۾ پاڪستاني سعودي عرب جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ سعودي عرب پاڪستان کي سيڙپڪاري لاءِ انتهائي اهم سمجهي ٿو. سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري نائب وزير ابراهيم بن يوسف المبارڪ چيو ته سعودي عرب پاڪستان کي معاشي طور مضبوط ڏسڻ چاهي ٿو، سعودي سيڙپڪار پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکن ٿا. هن چيو ته هو پاڪستان اچي خوشي محسوس ڪري رهيو آهي، سندن دورو گذريل دوري جي ڪڙي آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ڪيترائي قدر گڏيل آهن. سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري نائب وزير چيو ته سعودي حڪومت ۽ ڪمپنيون سيڙپڪاري لاءِ پاڪستان کي ترجيح ڏئي رهيا آهن، سندن ڪوشش آهي ته ٻنهي ملڪن جو واپار هڪٻئي سان ڳنڍيل هجي، هي دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جو موقعو فراهم ڪندو. ابراهيم بن يوسف المبارڪ چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪمرشل سيڙپڪاري هڪ مضبوط ذريعو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.5 ° C
21.5 °
21.5 °
32%
4m/s
6%
خميس
21 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
27 °
آچر
25 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون