- Advertisement -
سعودي عرب کي ريڪوڊڪ جا 15 سيڪڙو شيئر وڪڻڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.
حڪومتي ذريعن موجب وفاقي ڪابينا 15 سيڪڙو شيئرز 540 ملين ڊالرن ۾ وڪڻڻ جي منظوري ڏيندي سرڪيوليشن ذريعي سمري جي منظوري ورتي وئي.
سعودي عرب کي شيئرز سڌو سنئون عالمي ٽرانزيڪشن ايڪٽ تحت وڪرو ڪيا ويندا، سعودي عرب پاڪستان کي ٻن قسطن ۾ 540 ملين ڊالر ادا ڪندو.
پهرين مرحلي ۾ 10 سيڪڙو شيئرز جي منتقلي لاءِ 330 ملين ڊالر ڏنا ويندا، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ 5 سيڪڙو شيئرز جي منتقلي لاءِ 210 ملين ڊالر ادا ڪيا ويندا.
سعودي فنڊ فار ڊولپمينٽ به بلوچستان ۾ معدنيات جي ترقي لاءِ 150 ملين رپيا ڏيندو، سعودي عرب به چاغي ۾ معدنيات جي ڳولا لاءِ سيڙپڪاري ڪرڻ جو خواهشمند آهي.
ريڪو ڊڪ منصوبي ۾ وفاقي ۽ بلوچستان حڪومتن جا 50 سيڪڙو شيئر آهن.- Advertisement -
