سعودي وفد هلندڙ هفتي فلسطين جي صدر محمود عباس سان ملاقات ڪندو.
خابرو ايجنسي موجب سعودي وفد جي اڳواڻي فلسطين ۾ مقرر سعودي سفير ڪندو.
اسرائيل ۽ سعودي عرب وچ ۾ امن معاهدو يقيني بڻائڻ جون سفارتي ڪوششون جاري آهن.
خابرو ايجنسي موجب امن معاهدي ۾ فلسطينن جي لاءِ مراعتون شامل ٿي سگهن ٿيون.
ياد رهي ته سعودي عرب ۽ اسرائيل جي اعليٰ قيادت وچ ۾ لاڳاپن ۾ بهتري جي حوالي سان بيانن کانپوءِ اسرائيلي پرڏيهي وزير ايلي ڪوهن انڪشاف ڪيو هو ته سعودي عرب طرفان اسرائيل کي تسليم ڪرڻ سان گڏ ڇهن کان ست مسلمان ملڪ به مڃيندا.
