تازه ترين

سندس نظر ۾ ايڊهاڪ جج مقرر ٿيڻ گهرجن ۽ آئين ۾ به ايڊهاڪ جج مقرر ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو: نذير تارڙ

- Advertisement -
قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته سندس نظر ۾ ايڊهاڪ جج مقرر ٿيڻ گهرجن ۽ آئين ۾ به ايڊهاڪ جج مقرر ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو، ايڊهاڪ جج  چيف جسٽس نه پر جوڊيشل ڪميشن کي مقرر ڪرڻا آهن، چيف جسٽس جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ بابت خبرون درست ناهن. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي اعظم نذير تارڙ چيو ته سندس نظر ۾ ايڊهاڪ جج مقرر ٿيڻ گهرجن ۽ آئين ۾ به ايڊهاڪ جج مقرر ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو. سندس چوڻ هو ته ايڊهاڪ جج  چيف جسٽس نه پر جوڊيشل ڪميشن کي مقرر ڪرڻا آهن، هو جوڊيشل سسٽم جي سڌارن لاءِ آئيني ترميم جي حق ۾ آهن. چيف جسٽس جي ملازمت جي مدي ۾ واد بابت سوال تي قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو ته چيف جسٽس جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ بابت خبرون درست ناهن، پينشن بل وڌيڪ هئڻ تي سرڪاري ملازمن جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي بحث جنم ورتو. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ سرڪاري ملازمن جي رٽائرمينٽ جي عمر جي حد ۾ اضافو ٿيو آهي، پينشن جي مد ۾ حڪومت کي ڳري رقم ادا ڪرڻي پوندي آهي، جوڊيشري سميت سرڪاري ملازمن جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي تجويز غور هيٺ هئي، آئين ۾ ترميم جو اختيار پارليامينٽ وٽ آهي. قانون واري وفاقي وزير چيو ته اپريل جي آخر يا مئي جي شروعات ۾ چيف جسٽس سان جوڊيشل ڪميشن جي گڏجاڻي بابت ملاقات ٿي هئي، هن وقت به چيف جسٽس جي ملاقات جي مدي ۾ واڌ واقعو معاملو بحث هيٺ آيو، چيف جسٽس  چيو ته ملازمت جي مدي ۾ واڌ ۾ دلچسپي ناهي. اعظم نذير تارڙ چيو ته چيف جسٽس جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي تجويز سان جسٽس منصور علي شاهه متفق هو، جسٽس منصور چيو هو ته چيف جسٽس جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جو اختيار پارليامينٽ وٽ آهي. قانون واري وفاقي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ جي هاڻوڪي فيصلي سان هڪ پارٽي کي مضبوط ٿيڻ جو موقعو ڏنو ويو، 8 ججن مخصوص سيٽن بابت ڪيس ۾ آئين کي ٻيهر لکيو، جن ايم پي ايز کي بنا ٻڌڻ جي گهر اماڻيو ويو، اهي به ريويو ۾ اچي رهيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ اعظم نذير تارڙ چيو ته تحريڪ انصاف اڳواڻن تي آرٽيڪل 6 لڳائڻ جو معاملو پارليامينٽ ۾ آڻي سگهجي ٿو، پي ٽي آءِ بي اعتمادي بابت اجلاس طلب نه ڪري رهي هئي، بي اعتمادي تحريڪ لاءِ اجلاس طلب لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو ويو………….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
21.5 ° C
21.5 °
21.5 °
50 %
4kmh
16 %
جمعو
24 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
33 °

تازه ترين خبرون