تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ جو نگران وڏو وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر پنهنجي عهدي جو قسم کڻي رهيو آهي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ جو نگران وڏو وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر پنهنجي عهدي جو قسم کڻي رهيو آهي جڏهن ته گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري کيس قسم کڻائيندو.

سنڌ جي نگران وڏي وزير جي قسم کڻڻ واري تقريب شام گورنر هائوس ۾ ٿيندي.

گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري جي مصروفيتن سبب قسم کڻڻ واري تقريب نامزد نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي نامزدگي جي ٻن ڏينهن بعد ٿي رهي آهي.

نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي قسم کڻڻ واري تقريب ۾ شرڪت لاءِ صوبي جي اهم شخصيتن ۽ سياسي اڳواڻن کي دعوت ڏني وئي آهي.

ڪراچيءَ سان تعلق رکندڙ جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر 5 اپريل 1957ع تي پيدا ٿيو، هن ڪراچي يونيورسٽي مان ايل ايل بي ڪئي ۽ 1981ع ۾ وڪالت جي شعبي سان ڳنڍجي ويو.

جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر 26 آگسٽ 2003ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو مستقل جج بڻيو.

جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر تي 20 سيپٽمبر 2013ع ۾ دهشتگردن حملو ڪيو هو جنهن ۾ هو سخت زخمي ٿيو جڏهن ته حملي ۾ سندس سڪيورٽي عملي سميت 9 ڄڻا شهيد ٿيا هئا.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
26.8 ° C
26.8 °
26.8 °
15 %
5.7kmh
100 %
اڱارو
26 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون