تازه ترين

سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شوري سکر بئراج بابت تنقيد رد ڪري ڇڏي

- Advertisement -
سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شوري سکر بئراج بابت تنقيد رد ڪري ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته سکر بئراج بابت تنقيد ڪندڙن کي آبپاشي نظام جي ڪا ڄاڻ ئي ناهي، سکر بئراج جي بحاليءَ جو ڪم تيزي سان جاري آهي، گيٽ نمبر 47 کي مرمت ڪري جولاءِ مهيني ۾ لڳايو ويندو، ڪوفر ڊيم جو  ڪم مڪمل ٿيڻ کانپوءِ عارضي گيٽ لڳندو، آبپاشي کاتي تي اجائي تنقيد ڪئي پئي وڃي. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڄام خان شوري چيو ته 20 جون تي جيڪي برٽش سرڪار جي دور ۾ دروازا لڳايا ويا هئا ٻه دروازا ٽٽڻ جي رپورٽ آئي جنهنڪري ايمرجنسي لڳائي وئي. سندس چوڻ هو ته سکر بيراج جي تاريخ ۾ جون مهيني ۾ جيڪڏهن دروازو  ڀڄي پوي ته وڏو نقصان ٿئي ٿو، ڪوفر ڊيم جو ڪم پنجاهه سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي. سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شوري چيو ته هو گيٽ نمبر 44 جي مرمت ڪري چڪا آهن، گيٽ نمبر 47 ٺهي رهيو آهي جيڪو 20جولاءِ تي لڳايو ويندو، ڪافر ڊيم تي ڪم جاري آهي جنهن کانپوءِ عارضي گيٽ لڳائي بيراج کي اٺن ڏينهن ۾ آپريشنل ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪجهه آفيسر اهڙا آهن جن 20 جون کان ننڊ به پوري ناهي ڪئي پر آبپاشي عملي تي هرو ڀرو تنقيد ڪئي پئي وڃي جيڪا نه ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شوري چيو ته سال 2022ع جي ٻوڏ ۾ 35 سئو روڻيون لڳيون هيون، دنيا چئي رهي هئي هاڻي سالن تائين آبپاشي نظام نه ٺهي سگهندو پر هنن ناممڪن کي ممڪن ڪري ڏيکاريو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.7 ° C
23.7 °
23.7 °
30 %
2.4kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
35 °
خميس
35 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون