سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ صوبي ۾ جديد ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽ نظام لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون

- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ صوبي ۾ جديد ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽ نظام لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون. سنڌ جي سينيئر وزير سان ناليواري ملٽي نيشنل اليڪٽرڪ گاڏيون تيار ڪندڙ ڪمپني جي وفد جي ملاقات ٿي آهي. ملاقات ۾ ڪمپني جي نمائندن پنهنجي اليڪٽرڪ گاڏين جي ماڊلز، خاصيتن ۽ ٽيڪنالاجي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ملاقات ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ايم ڊي ڪنول نظام ڀٽو ۽ سي اي او ٽرانس ڪراچي فواد غفار سومرو به شريڪ هئا. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ جدت آڻڻ چاهي ٿي. سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي استعمال کي هٿي وٺرائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي ته جيئن شهرين کي صاف، محفوظ ۽ پائيدار سفري سهولتون ملي سگهن. شرجيل انعام ميمڻ چو چوڻ هو ته اهي چاهين ٿا ته سنڌ ۾ اليڪٽرڪ ٽرانسپورٽ جو مضبوط نظام قائم ٿئي. سندس چوڻ هو ته اليڪٽرڪ گاڏين سان گڏوگڏ ان جي چارجنگ اسٽيشنز، مينٽيننس سينٽر ۽ ٻئي بنيادي انفرا اسٽرڪچر جي تعمير ۾ به سيڙپڪاري جا وڏا موقعا موجود آهن. شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت خانگي شعبي سان گڏجي هڪ اهڙو فريم ورڪ جوڙي رهي آهي جنهن سان سيڙپڪارن کي مڪمل سهڪار ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي. سينيئر صوبائي وزير جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت سيڙپڪارن جي لاءِ فائديمند ماحول پيدا ڪيو آهي، ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون سيڙپڪارن لاءِ هڪ بهترين موقعو آهي. سندس چوڻ هو ته ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ سيڙپڪارن کي ڏهه سالن لاءِ ٽيڪس کان ڇوٽ سميت ڪيتريون ئي سهولتون ڏنيون پيون وڃن. شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته اهي چاهين ٿا ته وڌ کان وڌ عالمي ڪمپنيون سنڌ ۾ اچن ۽ هتي سيڙپڪاري ڪن. سينيئر صوبائي وزير جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ عالمي معيار جي سروسز متعارف ڪرائڻ جي لاءِ حڪومت هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندي. شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته سندن هدف آهي ته ڪراچي سميت سنڌ جي سمورن وڏن شهرن ۾ اليڪٽرڪ ٽيڪسي سروس جلد کان جلد شروع ڪئي وڃي ته جيئن عوام کي جديد ۽ ماحول دوست سفري سهولتون ملي سگهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
23.9 ° C
23.9 °
23.9 °
26%
4.3m/s
46%
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
32 °
اڱارو
31 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون