- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ڪوٽڙي ۾ رڪشا ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل 2 عورتون فوت ٿي ويون.
حادثي ۾ زخمي ٿيل عورت سدا زال چندر باگڙي ۽ چندرما زال گوپي زخمن جا سور نه سهندي حيدرآباد جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويون، لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.
ٻنهي عورتن جا لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.
ڪراچي ۾ سپر هاءِ وي تي نيوز سبزي منڊي گيٽ نمبر ٻه ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.
نواب ولي محمد ۾ بهه جي ٽرڪ کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل پورهيت علي شير ملاح زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.
علي شير ملاح ڪراچي جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو.- Advertisement -
