تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن ۾ 4 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن ۾ 4 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا. ملير ۾ اسٽيل ٽائون جناح گيٽ ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا. حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جا لاش ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل ڪيا ويا. حادثي ۾ فوت ٿي ويل ٻنهي موٽرسائيڪل سوارن جي طاهر حسين ۽ دلاور جي نالن سان سڃاڻپ ٿي آهي. لکي غلام شاهه ۾ روڊ حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو. سکر-شڪارپور روڊ تي رينجرس چوڪي وٽ موٽرسائيڪل سوار ريس ڪندي بيٺل ٽرڪ سان ٽڪرائجي ويو. حادثي جي نتيجي ۾ نوجوان شمن علي گهنيو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، سندس لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ميرپورساڪرو ويجهو لڌيا اسٽاپ وٽ رڪشا ۽ ٽرڪ ۾ زوردار ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار نوجوان عمران شورو فوت ٿي ويو، نوجوان جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
8 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
few clouds
28.2 ° C
28.2 °
28.2 °
37 %
1.6kmh
11 %
اڱارو
32 °
اربع
34 °
خميس
34 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون