تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثي ۾ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثي ۾ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا. ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾ اسپتال چورنگي ويجهو ڊمپر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت ٿي ويو، جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. لانڍي ۾ اسپتال چورنگي ويجهو ڊمپر جي ٽڪر ۾ ڪاشان ولد محمد اڪمل دم ڌڻي حوالي ڪيو، جڏهن ته جوابدار زخمي ٿي پيو. سنجهوري ويجهو موٽرسائيڪل ۽ بس ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا. سنجهورو ٿاڻي جي حد سانگهڙ-نوابشاهه روڊ تي بس ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو. حادثي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا سومار مهر ۽ ميو ڀيل فوت ٿي ويا. اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيا. اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. هالاڻي ۾ موٽرسائيڪل ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ پولٽري فارم تي ڪم ڪندڙ هڪ نوجوان فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو. حادثي ۾ فوت ٿي ويل نوجوان جي سڃاڻو ڪاشف ڀٽي جي نالي سان ٿي، ٻيو پورهيت الهبچايو اڄڻ زخمي ٿي پيو، کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو. دوداپور ۾ تاجو ديري روڊ تي موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ نينگر فوت ٿي ويو. تاجو ديري روڊ شاهه وٽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾نينگر علي رضا ميرالي دم ڌڻي حوالي ڪيو. ڪنب ويجهو چنا موري اسٽاپ وٽ روڊ حادثي ۾ پيءُ فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس پٽ زخمي ٿي پيو. چنا موري اسٽاپ وٽ موٽرسائيڪل ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر سبب امام بخش اڄڻ فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس پٽ عبدالقدير زخمي ٿي پيو. مٽياري ۾ قومي شاهراهه تي روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو. قومي شاهراهه تي موٽروي آفيس وٽ ڪوچ ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر سبب ڀورو ڪولهي فوت ٿي ويو، جڏهن ته چيتن ڪولهي زخمي ٿي پيو. باڊهه ويجهو موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو. ويهڙ ٿاڻي جي حد قاضي مسجد وٽ موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب جيڪب آباد جي ڳوٺ قادرپور جو رهواسي اياز کوسو فوت ٿي ويو……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
17.7 ° C
17.7 °
17.7 °
51 %
1.4kmh
100 %
آچر
23 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون