سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سنگرار واسڻ نينگري پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ بک هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرا

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سنگرار واسڻ نينگري پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ بک هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. نوشهروفيروز ۾ سنڌي ادبي شاخ سنگت سنگرار واسڻ نينگري پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ مظهر خاصخيلي، اعظم عالماڻي، محرم چنا ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. نصير آباد ۾ مختلف تنظيمن پاران سنگرار واسڻ نينگري پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ رياض ڦلپوٽي، ساگر ڪانڌڙي، حفيظ تنئي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ٽيڪسي اسٽينڊ وٽ قائم ڪيل ڪيمپ تي بک هڙتال ڪئي وئي. ڏوڪري ۾ جسقم پاران سنگرار واسڻ نينگري پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ رڪ سنڌي، سندر جيسر، رياض ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ٽائون هال اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي نياڻي پريا ڪماري کي اغوا ڪندڙ وائکا ٿي چڪا آهن، پر پوليس ۽ سنڌ حڪومت جي خاموشي سواليا نشان بڻجي چڪي آهي. هنن چيو ته يزيدي ٽولي معصوم نياڻيءَ کي اغوا ڪري ھڪ ماءُ جي جھولي خالي ڪري ڇڏي آهي. سندن چوڻ هو ته پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي اڃا تائين نتيجا ناهي ڏئي سگهي. اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پريا ڪماري کي بنا دير بازياب ڪرائي سندس وارثن حوالي ڪيو وڃي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29 ° C
29 °
29 °
13%
3.3m/s
0%
آچر
28 °
سُومر
30 °
اڱارو
29 °
اربع
29 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون