تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مختلف روڊ حادثن ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ ٻارڙن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مختلف روڊ حادثن ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ ٻارڙن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. خيرپور ۾ قومي شاهراهه تي موٽرسائيڪل ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فرزند علي جوڻيجو فوت ٿي ويو ۽ 2 ڄڻا سلطان ۽ امتياز جوڻيجو زخمي ٿي پيا آهن. پوليس پهچي لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو، ٻنهي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ڀان سيد آباد ۾ مڙهه کڻي ويندڙ ايمبولينس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ ايمبولينس ۾ ويٺل اڌڙوٽ شخص وزير چانڊيو فوت ۽ پنج ٻارڙا زخمي ٿي پيا. ريسڪيو ٽيم حادثي واري هنڌ پهچي حادثي ۾ فوت ٿي ويل اڌڙوٽ شخص جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. مورو ويجهو قومي شاهراهه سڌوجا وٽ ڳوٺ مزار خاصخيلي واسي حسين خاصخيلي پراسرار طور گاڏيءَ جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو آهي. پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون ته نوجوان حادثي ۾ فوت ٿيو آهي يا کيس قتل ڪري لاش اڇلايو ويو آهي. سن ۾ 10 ڏينهن اڳ ڪار ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل شالماڻي اسٽاپ واسي نعمت الله چانڊيو حيدرآباد جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. مختلف روڊ حادثن ۾ فوت ٿي ويلن جا لاش گهر پهچڻ تي سندن گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
21.2 ° C
21.2 °
21.2 °
55 %
4kmh
89 %
ڇنڇر
22 °
آچر
30 °
سُومر
29 °
اڱارو
29 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون