سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هولي جي ڏڻ جون ٻئي ڏينهن به تقريبون ڪوٺائي هڪٻئي مٿان رنگن جي برسات

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هولي جي ڏڻ جون ٻئي ڏينهن به تقريبون ڪوٺائي هڪٻئي مٿان رنگن جي برسات ڪئي پئي وڃي. مٺي ۾ هندو برادري پاران هولي جي ڏڻ جي تقريب ڪوٺائي هڪ ٻئي مٿان رنگن جي برسات ڪئي وئي. کتري هائوس تي ڪوٺايل هولي جي تقريب ۾ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيشن ڪمار ملاڻي، نند لال، شاعر شنڪر ساگر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ميرپور ماٿيلي ۾ هندو برادري پاران هولي جي ڏڻ جي تقريب ڪوٺائي هڪ ٻئي مٿان رنگن جي برسات ڪئي وئي. نوجوانن انوپ ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ هولي جون رسمون ادا ڪرڻ بعد هڪ ٻئي تي رنگن جي برسات ڪري خوشي جو اظهار ڪيو ويو. خانپور مهر شهر جي مندرن، پاڙن ۽ مک بازارن ۾ هولي جي موقعي تي هندو برادري پاران هڪٻئي تي رنگن جي برسات ڪري خوشي جو اظهار ڪيو پيو وڃي. کپري ۾ به هندو برادري طرفان هوليءَ جو ڏڻ ملهائي هڪ ٻئي تي رنگن جي برسات ڪئي وئي. ننگرپارڪر ۾ به هندو برادري طرفان هوليءَ جو ڏڻ ملهائي هڪ ٻئي تي رنگن جي برسات ڪئي وئي آهي. ڍورو نارو ۾ هندو برادري پاران هولي جو ڏڻ ملهائي ڏنڊيا راند سان گڏ مٽڪي ٽوڙي هڪٻئي کي رنگ هڻي خوشي جو اظهار ڪيو ويو. پڊعيدن ۾ هندو برادري پاران هولي جو ڏڻ ملهائي مٽڪي ٽوڙڻ سميت ٻيون رسمون ادا ڪري هڪٻئي مٿان رنگن جي برسات ڪئي وئي. اڳواڻن جو چوڻ آهي ته هولي جو ڏڻ نفرتون ختم ڪري محبتون ورهائڻ جو ڏڻ آهي، هولي جو ڏڻ انسانن سان محبت ڪرڻ جو پيغام ڏئي ٿو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.1 ° C
26.1 °
26.1 °
26%
2.3m/s
0%
جمعو
26 °
ڇنڇر
31 °
آچر
31 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °

تازه ترين خبرون