تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ، ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ بدامني خلاف عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ، ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ بدامني خلاف عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.

حيدرآباد ۾ هائيڪورٽ بار ايسوسي ايشن پاران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري سائيلن کي تاريخون ڏئي واپس روانو ڪيو ويو.

لاڙڪاڻي ۾ قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي شاگردن طرفان بدامني، اغوا جي وارداتن ۽ مهانگائي خلاف شوڪت ملڪ، سيف الله مخدوم، اعظم بهلڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري يونيورسٽيءَ جي گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو ويو.

خيرپور ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسي ايشن طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ ملڪ ۾ مهانگائي خلاف عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري پيشي تي آيل ماڻهن کي تاريخون ڏئي واپس موٽايو ويو.

عمرڪوٽ ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسي ايشن طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ، ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري اظهر آرائين، ڀاڳچند ڀيل، گل منير ولهاري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

راڻيپور ۾ يونائيٽيڊ لائيرز اينڊ سول سوسائٽي فورم سنڌ ۽ سياسي سماجي تنظيمن پاران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ، ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف ڊاڪٽر نظير کوکر، ساجد مڱريو، ايڊووڪيٽ شاهد، آصف ڄامڙو ۽ ٻين جي  اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي قومي شاهراهه تي نعريبازي ڪئي وئي.

ڪنب ۾ پاڪستان هاري مزدور تحريڪ طرفان ملڪ ۾ مهانگائي خلاف امام الدين سومري، ضمير، يعقوب ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڪوٽڏيجي ۾ شهرين ۽ سول سوسائٽي طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

اوٻاوڙي ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي مهانگائي خلاف عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري چوڌري شاهد حسين، وڪيل قادر بخش ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سول ڪورٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

چمبڙ ۾ سنڌ هاري ڪميٽي پاران ملڪ ۾ مهانگائي خلاف ارباب علي رستماڻي، صديق سولنگي، محبوب علي لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ بچاڻي پمپ کان اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.

اڳواڻن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته سنڌ ۾ بدامني جي باهه ٻري رهي آهي، اغوا، قتل، ڦر، چوري ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻجي ويا آهن.

سندن چوڻ هو ته مهانگائي ماريل عوام بدامني سبب ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، شهري پاڻ کي غير محفوظ سمجهڻ لڳا آهن.

اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ، مهانگائيءَ تي ضابطو آڻي مغوين کي بازياب ڪرائي امن امان قائم ڪري عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
27.5 ° C
27.5 °
27.5 °
25 %
3.1kmh
80 %
ڇنڇر
28 °
آچر
31 °
سُومر
30 °
اڱارو
30 °
اربع
28 °

تازه ترين خبرون