تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جو سلسلو جاري

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي، جنهن ڪري موسم خوشگوار ٿي وئي آهي، گرمي جي سٽيل ماڻهن جا چهرا ٻهڪي پيا آهن. ڪراچي جي ملير،  آءِ آءِ چندريگر روڊ، صدر، شاهراهه فيصل، گلستان جوهر، گلشن اقبال ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو وسڪارو ٿيو آهي. لاڙڪاڻي ۾ گذريل رات جي تيز وسڪاري سبب اسٽيشن روڊ، مراد واهڻ، ايوب ڪالوني، سبحان الله چوڪ، لاهوري پاڙي سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ برساتي پاڻي بيهجي ويو آهي. نصير آباد ۾ تيز طوفاني برسات جي نتيجي ۾ مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو. لالو رائنڪ ۽ ڀرپاسي ۾  تيز هوا سان گڏ برسات سبب بجليءَ جو نظام درهم برهم ٿي ويو. وارهه ۾ تيز هوا سان برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي. باڊهه  ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾  تيز هوا سان گڏ برسات سبب بجلي ۽ مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو. نوابشاهه ۾ برسات دوران وڄ ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان عبيدالله بروهي  فوت ٿي ويو. دادو ۾ مسلسل برسات کانپوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ ماڻهو خوشيءَ ۾ روڊن تي اچي ويا. فريد آباد سميت ڪاڇي جي مختلف ڳوٺن شاهه گودڙيو، موجهڙ، ڇٽو ميراڻي، ولي محمد رند ۽ ٻين ڳوٺن ۾ تيز برسات  ٿيڻ کانپوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو. اڏيري لال وليج ۾  تيز برسات سبب روڊ ۽ رستا تلائن جو ڏيک ڏيڻ لڳا ۽ پاڻي گهرن توڙي دڪانن ۾ داخل ٿي ويو. ڪنري شهر سميت ڀرپاسي جي علائقن پڪوموڙ، دڙيلو، نبي سر، چيل بند، نهٽو ۽ ٻين علائقن ۾ به برسات سبب ماڻهن جا چهرا ٻهڪي پيا آهن. هڱورجا ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز برسات جي وسڪاري سبب هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو. سيٺارجا جي مختلف علائقن ڏيپارجا، سيٺارجا بالا،  محسن شاهه ۽ ٻين علائقن ۾ زبردست برسات سبب هيٺيان علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا. چمبڙ، سنجر چانگ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز وسڪاري دوران بجلي بند ٿي وئي، برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي، گرمي جي سٽيل ماڻهن گهرن مان ٻاهر نڪري برسات جو مزو ورتو. مٽياري، اڏيري لال، کيبر، نيو سعيد آباد،  هالا، اڏيري لال،  شهمير راهو سميت ٻين علائقن ۾  مٽيءَ جي تيز طوفان سان برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي. دريا خان مري جي چاناري،  ڳوٺ علي نواز شر سميت ٻين علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات سبب هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا. پکي ۽ ڀرپاسي  جي علائقن ۾ تيز برسات سبب مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو. ڪنڊياري ۾ گهٽ ۽ ٻوسٽ کانپوءِ  برسات جي نتيجي ۾ گرمي جو شڪار ماڻهن جي منهن تي مرڪون اچي ويون. محرابپور ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز برسات سبب  موسم خوشگوار ٿي وئي ۽ بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو. ٻٻر لوءِ، اڀڙي، ڪرم آباد، فيض واهه، ٺيڙهي ۽ ٻين علائقن ۾ برسات سب گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ فصلن کي نقصان پهتو آهي. ڪوٽڏيجي، ڪوٽ بنگلو، ڪنب، ڇوڏاهو سميت ٻين علائقن ۾  برسات سبب بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو ۽ کجين جي فصل کي نقصان پهتو آهي. ٺري ميرواهه ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ به وقفي سان برسات سبب مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو ۽ کجي جي فصل کي نقصان پهتو آهي. ڪنب ۾ ٻن ڪلاڪن کان هلندڙ برسات سبب سيپڪو ۽ حيسڪو جا ڪيترائي فيڊر ٽرپ ٿي ويا. اڳڙا ۽ ڀرپاسي علائقن ۾ طوفاني برسات سبب شهر ۾ پاڻي بيهجي ويو. سوئي گئس ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز برسات سبب مختلف علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو ۽ مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو. بوزدار وڏا ۽ ڀرپرپاسي جي علائقن ۾  تيز برسات سبب روڊن ۽ رستن تي پاڻي بيهجي ويو. ٽنڊي مير علي، ملڪ چودڳي،  پير وسڻ، محرابپور، باغ بچراهه سميت ٻين علائقن ۾  مسلسل برسات سبب 20 ڳوٺن جي بجلي بند ٿي وئي. موري ۾ وقفي وقفي سان تيز برسات سبب هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو. جوهي شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾  وقفي وقفي سان برسات سبب هيٺاڻهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو. پڊ عيدن ۾ به وقفي وقفي سان برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي. سرهاڙي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾  برسات کانپوءِ  هيٺانهين علائقن ۾  پاڻي بيهجي ويو ۽ بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو. ڪيٽي بندر، ٻگهاڻ سميت سامونڊي پٽي ۾ تيز طوفاني برسات سبب بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو. گهوڙا ٻاري، ور شهر، پير پٺو، 103 موري، گيل موري سميت ٻين علائقن ۾  وقفي وقفي سان برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي. ٺارو شاهه، درٻيلي، مڃٺ ۾ تيز برسات سبب گرميءَ جو زور ٽٽي ويو. اسلام ڪوٽ ۾ مسلسل برسات کانپوءِ  سرڪاري اسپتال ڏانهن ويندڙ روڊ، ميهاري روڊ سميت دعا چوڪ تي گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو، پر  ٽائون انتظاميا پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪي به اپاءَ ناهن ورتا، جنهن ڪري شهري سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن. موسميات کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته آگسٽ مهيني دوران ڪراچي ۾ وڌيڪ برسات ٿيندي، چار آگسٽ کان اتر سنڌ کان تيز چوماسي جون هوائون داخل ٿينديون….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
8 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
27 %
4.2kmh
0 %
جمعو
25 °
ڇنڇر
23 °
آچر
25 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون