- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جاري آهي.
ڪراچي جي ملير، قائد آباد، پپري، سپر هاءِ وي، گلشن اقبال، گلستان جوهر ۾ وسڪاري بعد موسم وڻندڙ ٿي وئي.
ناظم آباد، نارٿ ناطم آباد، صدر، ڊفينس، ڪلفٽن ۾ به برسات بعد گرمي جو زور گهٽجي ويو.
ٺٽو، مڪلي، گجو، گهارو،ميرپور ساڪرو، ڪينجهر ۽ ٻين علائقن ۾ وسڪاري سبب بجلي جو نظام ڊانوان ڊول ٿي ويو.
سجاول جي سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي.
مٽياري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪٿي تيز تي ڪٿي هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي.
هالا، ڀاڻوٽ، کنڊو، ڪرم خان نظاماڻي ۽ ٻين علائقن ۾ گذريل ڏينهن کان جاري برسات سبب فصلن کي ڪاپاري ڌڪ رسڻ جو امڪان آهي.
ڪوٽڙي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن برسات ۽ تيز هوائون هلڻ سبب بجلي جا پول ڪري پيا، نتيجي ۾ ڄامشوري، ڪوٽڙي ۽ سائيٽ واري علائقن ۾ بجلي بند ٿي وئي.
اڏيرو لال جي مختلف علائقن ۾ به تيز هوا ۽ گجگوڙ سان برسات پوڻ سبب مواصلاتي نظام ڊاوان ڊول ٿي ويو، جڏهن ته هيٺانهين وارا علائقن ۾ پاڻي به بيهجي ويو.
جاتي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به ڦڙ ڦڙ سبب موسم وڻندڙ ٿي وئي.
نئون ڪوٽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به هلڪي برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي.
ماتلي ۾ به برسات پوڻ سبب موسم خوشگوار ٿي وئي آهي.
سرهاڙي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ برسات پوڻ سبب ڪڻڪ جي فصل کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي.
شِيخ ڀرڪيو ۾ وقفي وقفي سان برسات پوڻ سبب بجلي جو نظام ڊانوان ڊو ٿي ويو آهي.
مانجهند ۽ کپري ۾ برسات پوڻ بعد گرمي جو زور گهٽجي ويو آهي…………..- Advertisement -
