سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه امن امان جي صورتحال کي ڳڻتي جوڳو قرار, پوليس ۽ انتظاميه ۾ تبديلين جو فيصلو

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه امن امان جي صورتحال کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو، پوليس ۽ انتظاميه ۾ تبديلين جو فيصلو ۽ نگران حڪومت جي سمورن فيصلن تي نظرثاني ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو  سندس چوڻ آهي ته هو امن امان جي صورتحال مان مطمئن ناهي، شهري ۽ ٻهراڙي جي علائقن ۾ حالتون خراب آهن، پوليس ۽ انتظاميه ۾ تبديليون ضرور ٿينديون، نگران حڪومت جي سمورن فيصلن تي نظرثاني ڪئي ويندي. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ به حڪومت جو ئي ڪم آهي، هنن رمضان پرائس ڪنٽرول ۽ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، هو پاڻ هن مهم جي نگراني ڪندو، جيڪڏهن انتظاميا ضابطو نه سگهي ته انتظاميا کي سزا ملندي. سندس چوڻ هو ته سڀاڻي کان رمضان پيڪيج تي عمل شروع ڪيو ويندو، پروگرام ذريعي 44 لک خاندانن کي فائدو ملندو، بچت بازارن جو سلسلو جاري رهندو. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته قانون موجب نگران حڪومت ڪو اهڙو ڪم نٿي ڪري سگهي جنهن جو کين اختيار نه هئي، گذريل حڪومت جي ڪمن کي به نگران ڪابينا نٿي ڇيڙي سگهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن سندن اسڪيمون روڪي ڇڏيون هيون، هي اليڪشن ڪميشن جو ڪم نه هو، نگران حڪومت جي سمورن فيصلن تي نظرثاني ڪئي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سڀاڻي آصف علي زرداري واضح اڪثريت سان صدر چونڊجي ويندو، آچر تي نئين صدر جي قسم کڻڻ واري تقريب ٿيندي، جنهن بعد سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪابينا به ٺهي ويندي. مراد علي شاهه چيو ته پيپلزپارٽي، ن ليگ ۽ اتحادين سان صلاح مشورا ڪري ڪابينا جوڙيندي، پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جي حڪومت سازي بابت قائم ڪميٽي وزارتن جو فيصلو ڪندي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هو امن امان جي صورتحال مان مطمئن ناهي، شهري ۽ ٻهراڙي جي علائقن ۾ حالتون خراب آهن، پوليس ۽ انتظاميه ۾ تبديليون ضرور ٿينديون، جنهن تي صلاح مشورا جاري آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
21.7 ° C
21.7 °
21.7 °
33%
3.9m/s
59%
اڱارو
21 °
اربع
27 °
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون