- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه بي آر ٽي ريڊ لائن منصوبي تي ڪم تيز ڪرڻ ۽ جناح اوينيو کي ٻن مهينن اندر مڪمل ڪري کولڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته ريڊ لائن پراجيڪٽ جي ترقياتي ڪم سبب علائقي جا ماڻهو پريشان آهن، هو چاهي ٿو ته پراجيڪٽ تي ڪم تيز ڪيو وڃي ۽ عوام کي ٽريفڪ جام جي صورتحال کي منهن به نه ڏيڻو پئي، بي آر ٽي ريڊ لائن وقت کان پهرين مڪمل گهرجي، ڪي اليڪٽرڪ جون ڪجهه يوٽيلٽيز ٻيهر لوڪيٽ ٿيڻ گهرجن.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ بي آر ٽي ريڊ لائن جي پراجيڪٽ بابت اهم اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ريڊ لائن پراجيڪٽ جي ترقياتي ڪم سبب علائقي جا ماڻهو پريشان آهن، هو چاهي ٿو ته پراجيڪٽ تي ڪم تيز ڪيو وڃي ۽ عوام کي ٽريفڪ جام جي صورتحال کي منهن به نه ڏيڻو پئي.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته لوٽ ون تي ڪم تيزي سان جاري آهي، لوٽ ون ملير هالٽ کان موسميات جنهن جي پروگريس 9 ڏهائي 46 سيڪڙو آهي، لوٽ ٽو موسميات کان نمائش تائين جي پروگريس 15 ڏهائي 3 سيڪڙو آهي.
شرجيل ميمڻ، وڏي وزير کي آگاهي ڏيندي چيو ته يوٽيليٽيز جي منتقلي سبب ڪم جي رفتار ۾ گهٽتائي ايندي آهي، ريڊ لائن لوٽ ون تي ڪم مارچ 2026ع ۽ لوٽ ٽو تي جون 2026ع ۾ ڪم مڪمل ٿيندو.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته جناح ايوينيو کي ٻن مهينن دوران مڪمل ڪري ٽريفڪ لاءِ کوليو وڃي.
وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته لوٽ ون تي مڪس ٽريفڪ لائنون آهن، جنهن سان عوام کي پريشاني آهي، ڪي فور جي لائن بي آر ٽي جي روٽ سان گڏ وڃي رهي آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه واٽر بورڊ کي هدايت ڪندي چيو ته ڏينهن رات ڪم ڪري پنهنجي لائن ٺاهيو، بي آر ٽي تي به ڏينهن رات ڪم ڪرايو، واٽر بورڊ جي جيڪا به يوٽيلٽيز جي شفٽنگ ڪرڻي آهي اها ٻن هفتن اندر مڪمل ڪئي وڃي، کيس بي آر ٽي ريڊ لائن وقت کان اڳ مڪمل گهرجي.
اجلاس ۾ وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ويو ته ڪي اليڪٽرڪ جون ڪجهه يوٽيلٽيز ري لوڪيٽ ٿيڻيون آهن، بي آر ٽي پراجيڪٽ سان ڪي اليڪٽرڪ کي يوٽيلٽيز شفٽ ڪرڻ لاءِ 80 سيڪڙو رقم ادا ڪئي وئي آهي.
ڪي اليڪٽرڪ نمائندي وڏي وزير کي درخواست ڪئي ته رائٽ آف وي ڏيو ته ڪيبلز شفٽ ڪندا.
وڏي وزير مراد علي شاهه ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته ڪي اليڪٽرڪ کي رائٽ آف وي ڏيو ۽ هڪ مهيني ۾ ڪيلبز شفٽ ڪرايو، کيس بي آر ٽي ريڊ لائن جا مسئلا حل ڪرڻا آهن، ريڊ لائن جا مسئلا حل ٿيڻ سان ٽرانسپورٽ کاتو ڪوريڊور تي ڪم تيز ڪندو…………- Advertisement -
