- Advertisement -
سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ڳالهين لاءِ جماعت اسلامي جي امير کي ملاقات جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي.
گورنر ڪامران ٽسوري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته هڪ ڀيرو اچو، ساڻس گڏ ويهو، هن وٽ حل آهي.
هن وڌيڪ چيو ته مسئلي جي حل لاءِ جتي گهرائيندو، اُتي هو اچي ويندو.
ڪامران ٽسوري جو چوڻ هو ته اوهان جيڪڏهن چاهيو ته هنن کي موٽرسائيڪل ۽ ليپ ٽاپ ڏيڻ لاءِ تيار آهي.
گورنر جو وڌيڪ چوڻ هو ته آءِ پي پيز مسئلي جي حل لاءِ حڪومت ڪم ڪري رهي آهي.- Advertisement -
