- Advertisement -
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته، پريٽ آباد ڌماڪي جهڙن واقعن ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهن جي علاج لاءِ حيدرآباد سول اسپتال کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ واڌ ٿي آهي.
حيدرآباد جي مقامي هوٽل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي گورنر ڪامران ٽسوري چيو ته پريٽ آباد سلينڊر ڌماڪو انتهائي افسوسناڪ واقعو هو جنهن ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيون، واقعي تي هر اک ۾ ڳوڙها آهن.
گورنر چيو ته حيدرآباد سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي، جتي به ڪراچي وانگر وڏي اسپتال هجڻ گهرجي ته جيئن پريٽ آباد جهڙن واقعن ۾ ماڻهن جون جانيون بچائي سگهجن.
هن چيو ته حيدرآباد سول اسپتال جي برنس وارڊ جي بهتري لاءِ هو چيف سيڪريٽري سان ڳالهائيندو.
گورنر چيو ته اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته اسان هڪ قوم جي حيثيت ۾ صرف مذمت ڪندا آهيون، هاڻي اسان کي سياست کان مٿانهون ٿي عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻا پوندا، گڏجي عوام جي مسئلن جو حل ڳولڻو پوندو.
گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۾ اضافو ٿيو آهي.- Advertisement -
