- Advertisement -
سنڌ حڪومت 5 هزار اسڪول غير فعال ڄاڻائي بند ڪري ڇڏيا.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اسڪول ايجوڪيشن کاتي جو اهم اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ تعليم واري وزير سردار شاهه، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن زاهد عباسي، ناڻي وارو سيڪريٽري فياض جتوئي ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.
اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته هن ٽرم ۾ ٻين شعبن سان گڏ هو تعليم جي ترقي لاءِ خاص قدم کڻڻ ٿو چاهي، تعليم جي بهتري جو مطلب هر ڪلاس ۾ بهتر تعليم ۽ تربيت هئڻ گهرجي.
وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته استادن جي حاضري يقيني بڻائي آهي، هاڻ هر ڪلاس ۾ بهتر ٽيچنگ کي يقيني بڻائڻو آهي.
سندس چوڻ هو ته بهتر ٽيچنگ لاءِ استادن جي تربيت ضروري آهي.
تعليم واري وزير سردار شاهه وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 5 هزار اسڪول غير فعال هجڻ سبب بند ڪيا ويا آهن.
هن چيو ته 43 هزار 27 فعال اسڪولن مان اڌ ٻوڏ دوران تمام گهڻا متاثر ٿيا آهن، ڪوشش آهي ته متاثر اسڪولن کي نئين طريقي سان تعمير ڪيو وڃي.
وڏي وزير مراد علي شاهه اسڪولن ۽ ان ۾ پڙهڻ وارن ٻارن جي ڊيٽا بي فارم ذريعي ٺاهڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڊيٽا ٺاهڻ سان ٻارن جي تعليم ۽ ڊراپ آئوٽ ٽريڪ ٿي سڳهندي.
سردار شاهه چيو ته اسڪولن جي استادن ۽ شاگردن جو ڊيٽا بينڪ قائم ڪري رهيا آهيون، جنهن سان استادن جي بدلي ۽ شاگردن جي اعليٰ تعليم ۽ ٽرينڊ بابت معلوم ٿي سگهندو.- Advertisement -
