تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ حڪومت جا هن وقت به 120 ارب رپيا سپريم ڪورٽ ۾ ڦاٿل آهي: شرجيل انعام ميمڻ

- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جا هن وقت به 120 ارب رپيا سپريم ڪورٽ ۾ ڦاٿل آهي، اهي پئسا سنڌ جي ماڻهن جا آهن اهي سنڌ جي انفرا اسٽرڪچر تي خرچ ٿيڻ گهرجن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ اسٽي سبب سنڌ جا پئسا ڦاٿل آهن جنهن تي سمورن ميمبرن کي آواز اٿارڻ گهرجي. شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ روينيو بورڊ اڳ ۾ خودمختيار ادارو هو پر هاڻي اهو ناڻي کاتي ۾ اچي ويو آهي. شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته ايس آر بي الڳ ۽ ايڪسائيز کاتو الڳ آهي ۽ انهن جا ڪم به ڌار ڌار آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اهي گاڏين وغيره جا ٽيڪس اوڳاڙين ٿا ۽ سنڌ روينيو بورڊ جو ڪم پنهنجو آهي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته ايڪسائيز کاتي مان ايجنٽ سسٽم ختم ڪري ڇڏيو آهي، ڪابه رجسٽرڊ گاڏي پورٽ کان ٻاهر نٿي وڃي سگهي. سندس چوڻ هو ته مهانگيون گاڏيون خريد ڪندڙ ٽيڪس ادا ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته نمبر پليٽ سرچ گاڏي جي رجسٽريشن جو آن لائن سسٽم موجود آهي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صوبائي ٽيڪس چالان آن لائن جمع ڪرائي سگهجي ٿو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.8 ° C
19.8 °
19.8 °
26 %
1kmh
0 %
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
29 °
سُومر
25 °

تازه ترين خبرون