تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ حڪومت خيرپور ۾ کجين جي پروسيسنگ ۽ پيداوار وڌائڻ لاءِ 100 ملين رپيا مختص ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
سنڌ حڪومت خيرپور ۾ کجين جي پروسيسنگ ۽ پيداوار وڌائڻ لاءِ 100 ملين رپيا مختص ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. سنڌ جي زراعت کاتي طرفان خيرپور ۾ کجين جي پيداوار وڌائڻ جي عنوان هيٺ کليل ڪچهري منعقد ڪئي وئي. زراعت واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر کي کجين جي آبادگارن ۽ هارين کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو ويو. کليل ڪچھري ۾ سيڪريٽري زراعت رفيق احمد ٻرڙو، ڊي جي زراعت منير احمد جماڻي، ڊي سي خيرپور، هاري اڳواڻ غلام قاسم جسڪاڻي، واپاري اڳواڻ لالا عبدالغفار شيخ ۽ ٻين هارين شرڪت ڪئي. سنڌ حڪومت پاران کجين ۽ ٻين ڪاروبار ۾ ڪم ڪندڙ عورتن کي وڌيڪ سهولتون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. زراعت واري وزير طرفان هارين کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪوٽڏيجي ۾ قائم ريسرچ سينٽر کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو. صوبائي زراعت واري وزير محمد بخش مهر چيو ته پاڪستان سڀ کان وڌيڪ خشڪ کجور ڀارت، گڏيل عرب امارات ۽ بنگلاديش کي برآمد ڪري ٿو، پاڪستان دنيا جو ٻيو نمبر وڏو کجور برآمد ڪندڙ ملڪ آهي. محمد بخش مهر چيو ته سنڌ حڪومت کجيءَ جي فصل کي بحال ڪرڻ ۽ وڌائڻ جو منصوبو جوڙي ورتو آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت هن سال خيرپور ۾ کجين جي پروسيسنگ ۽ ان جي پيداوار وڌائڻ لاءِ 100 ملين رپيا رکيا آهن. محمد بخش مهر چيو ته سنڌ ۾ پهريون ڀيرو خيرپور ۾ هارين لاءِ کليل ڪچهري منعقد ڪئي وئي. هن چيو ته سنڌ حڪومت زرعي شعبي جي پيداوار وڌائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي، سنڌ ۾ ٿيندڙ کجور پنهنجي منفرد ذائقي ۽ بناوٽ جي ڪري سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ زراعت تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، موسمياتي تبديلين سبب 2022ع جي برساتن ۾ خيرپور، سکر ۽ گهوٽڪي ۾ کجي جي فصل کي نقصان پهتو. محمد بخش مهر جو چوڻ هو ته خيرپور، سکر ۽ گهوٽڪي سميت ٻين ضلعن ۾ آبادگارن پاران پاڻي کوٽ جون شڪايتون ملي رهيون آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
21.7 ° C
21.7 °
21.7 °
27 %
2.8kmh
96 %
جمعو
25 °
ڇنڇر
24 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون