- Advertisement -
سنڌ حڪومت صوبي ۾ منشيات وڪري خلاف ڪريڪ ڊائون جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته نوجوان نسل کي منشيات وڪرو ڪندڙن جي چنبي مان ڪڍڻو آهي.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ سيڪريٽري ايڪسائيز عاطف الرحمان، ڊي جي ايڪسائيز اورنگزيب پنهور، ڊي جي ايڪسائيز ايڊمن رياض کوسي سميت ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس کي خطاب دوران صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ هدايت ڪئي ته منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي لاءِ سٺن آفيسرن تي ٻڌل ٽيمون جوڙيون وڃن.
هن چيو ته منشيات خلاف اثرائتو ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي، سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن کي انعام۽ اعزاز ڏنا ويندا.- Advertisement -
