سنڌ حڪومت طرفان منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري،تعليمي ادارن ۾ منشيات وڪرو ڪندڙ 3 جوابدار گرفتار

- Advertisement -
سنڌ حڪومت طرفان منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي. ڪراچي ۾ ايڪسائيز نارڪوٽيڪس ڪنٽرول ڪارروايون ڪندي تعليمي ادارن ۾ منشيات سپلاءِ ڪندڙ ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري منشيات هٿ ڪري ورتي. ايڪسائيز نارڪوٽيڪس ڪنٽرول ڳجهي اطلاع تي ڪورنگي ڪريڪ روڊ ويجهو انسٽيٽيوٽ آف بزنس مينيجمينٽ ڪراچي ۾ ڪارروائي دوران منشيات وڪرو ڪندڙ شيراز آفتاب کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار جوابدار آفتاب شيراز وٽان 510 گرام آئيس ۽ ڪار هٿ ڪئي وئي. جوابدار شيراز آفتاب پاران ڪراچي جي اڪثر تعليمي ادارن ۾ آئس سپلاءِ ڪرڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي. ايڪسائيز نارڪوٽيڪس ڪنٽرول هڪ ٻي ڪارروائي ۾ منشيات وڪرو ڪندڙ شاهنواز کي گرفتار ڪري 500 گرام  هيروئن ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪري ورتي. ايڪسائيز نارڪوٽيڪس ڪنٽرول ملير جي ڀينس ڪالوني واري علائقي نيشنل يونيورسٽي ويجهو ڪارروائي دوران جوابدار ثاقب خان کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 505 گرام آئس ۽ 120 گرام هيروئن هٿ ڪئي وئي. ايڪسائيز نارڪوٽيڪس ڪنٽرول جوابدارن خلاف ڪيسَ داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.7 ° C
23.7 °
23.7 °
30%
1.1m/s
0%
خميس
23 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
29 °
آچر
29 °
سُومر
27 °

تازه ترين خبرون