- Advertisement -
سنڌ حڪومت ڪيٽي بندر ۽ شاهه بندر ۾ مني فش هاربرز قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته منصوبي جو مقصد سامونڊي پٽي جي معيشت کي هٿي ڏيارڻ ۽ ننڍن ماهيگيرن کي سهولت فراهم ڪرڻ آهي.
وڏي وزير جو چوڻ هو ته نيون مني بندرگاهون ڪراچي فش هاربرز تان دٻاءُ گهٽائينديون ۽ شيون ٻاهر موڪلڻ جي معيار کي بهتر بڻائينديون.
وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته منصوبي تي 1 ڏهائي 35 ارب رپيا خرچ ايندا، منصوبو ٽن سالن ۾ مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه سان سان صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي ۽ سيڪريٽري فشريز ڊاڪٽر ڪاظم جتوئي ملاقات ڪئي.
وڏي وزير کين مني فش هاربرز بابت هدايتون ڏنيون، سيڪريٽري فشريز وڏي وزير کي بريفنگ ڏني.
وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ڪيٽي بندر ۽ شاهه بندر ماضي ۾ اهم قدرتي بندرگاهون رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته پهرين مرحلي ۾ مني فش هاربرز ۽ ٻئي مرحلي ۾ مڪمل بندرگاهه قائم ڪيا ويندا.
وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ٻئي ضلعا شهر جي ويجهو آهن ۽ موٽر وي ۽ قومي شاهراهه سان ڳنڍيل آهن، منصوبو سنڌ جي ماحولياتي طور صحيح ۽ پائيدار ترقي جي ويزن جو حصو آهي.
وڏي وزير جو چوڻ هو ته ڪيٽي بندر ۽ شاهه بندر جا ماگيگير منصوبي ذريعي مالي استحڪام ۽ بهتر روزگار حاصل ڪري سگهندا…………..- Advertisement -
