سنڌ سرڪار اليڪٽرڪ ٽيڪسيون شروع ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون

- Advertisement -
سنڌ سرڪار اليڪٽرڪ ٽيڪسيون شروع ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون، سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار اليڪٽرڪ ٽيڪسين لاءِ سمورو ضروري انفراسٽرڪچر ۽ سهولت فراهم ڪندي، نئين ٽيڪسي سروس شروع ٿيڻ سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان چيني آٽو موبائل ٺاهيندڙ ڪمپني جي اي سي ۽ ديوان موٽرز جي نمائندن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ديوان يوسف فاروقي، چيني ڪمپني جي اي سي جي زو سونگ، زين وين ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ چيني ڪمپني جي اي سي جي جنرل مئنيجر زو سونگ اليڪٽرڪ وهيڪلز بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. سنڌ ۾ اليڪٽرڪ ٽيڪسيون متعارف ڪرائڻ لاءِ مختلف آپشنز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيني ڪمپني کي سيڙپڪاري ۾ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار اليڪٽرڪ ٽيڪسين لاءِ سمورو ضروري انفراسٽرڪچر ۽ سهولت فراهم ڪندي، نئين ٽيڪسي سروس شروع ٿيڻ سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.8 ° C
18.8 °
18.8 °
51%
1.1m/s
0%
سُومر
19 °
اڱارو
26 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون