- Advertisement -
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت سي ٽي ڊي کي جديد ترين هٿيار ۽ ٽيڪنالاجي فراهم ڪئي آهي، عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي هر صورت ۾ يقيني بڻائڻو آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ فيوزن سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته قومي جذبي سان ڪم ڪرڻ تي سنڌ پوليس جي تربيت يافتا جوانن تي فخر آهي.
سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته دهشتگردن جي خاتمي لاءِ سنڌ پوليس جو ڪردار ناقابل فراموش آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته پوليس جي جوانن فرض جي ادائگي ۾ بي مثال ربانيون ڏنيون آهن.
سندس چوڻ هو ته سنڌ پوليس جو غير متزلزل عزم ۽ همت تعريف جي قابل آهي.
وڏي وزير جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت سنڌ پوليس کي جديد هٿيار، بهترين سهولتون ۽ تربيت فراهم ڪئي آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هنن سنڌ پوليس کي ٽيڪنالاجي سان مضبوط ڪيو آهي جيئن دهشتگردي جي ناسور کي ختم ڪري سگهجي.- Advertisement -
