- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ جي تاريخي ورثن ۽ درگاهن جي زمينن جي ماپ بابت سيڪريٽري سنڌ ۽ لاڳاپيل ڌرين کان 26 آگسٽ تي جواب طلب ڪري ورتو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ جي تاريخي ورثن ۽ درگاهن جي زمينن جي ماپ ڪري اندازو لڳائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
عدالت ۾ ٻڌڻي دوران درخواست گذار جي وڪيل چيوته بزرگن جون مزارون، قديمي ۽ تفريحي ماڳ موهن جو دڙو، ڀنڀرو، ڪارونجهر، ستين جو قبرستان، چوڪنڊي، مڪلي قبرستان، اروڙ، قلندر شهباز جي مزار سميت پارڪن هيٺ آيل ڪيتري زمين آهي ۽ ڪنهن جي نگراني ۾ آهي.
وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته صوبي ۾ ثقافتي ورثن، مزارن، قبرستانن، پارڪن جي ماپ ڪري زمين جو اندازو لڳايو وڃي ته هن وقت تائين صوبي ۾ ثقافتي ورثن ۽ مزارن جي ڪيتري زمين قبضي ۾آهي.
عدالت چيف سيڪريٽري کي حڪم ڏيندي چيو ته ڪاميٽي جوڙي زمينن جو اندازو لڳائي رپورٽ ڏني وڃي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ لاڳاپيل ڌرين کان 26 آگسٽ تي جواب طلب ڪري ورتو………..- Advertisement -
