- Advertisement -
سنڌهاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر بئنچ پاران آبپاشي کاتي نارا جي عملدارن کي چونڊڪو واسي جي زمين جو پاڻي روڪڻ کان روڪي ورتو.
چونڊڪي واسي امام ڏنو ڀنڀرو جي درخواست تي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس ارباب علي هڪڙو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران نارا ڪينال جو اسسٽنٽ انجنيئر محمد زمان شاهه ۽ درخواست ڏيندڙ وڪيلن سان گڏ پيش ٿيا.
درخواست ڏيندڙ موقف اختيار ڪيو ته چونڊڪو ۾ آرڊي 255 تي لفٽ مشين 1977 کان سيڪشن ٿيل آهي، جنهن تي 99 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي.
هن چيو ته آبپاشي عملدار پريشان ڪن پيا جنهن ڪري فصل متاثر ٿي رهيو آهي.
عدالت آبپاشي کاتي نارا ڪينال جي اسسٽنٽ انجنيئر محمد زمان شاهه ڇنڊ پٽي.
عدالت نارا ڪينال تي سيڪشن ٿيل لفٽ مشين ذريعي چونڊڪو واسي امام ڏنو ڀنڀرو کي پاڻي کڻڻ کان نه روڪڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 18 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي …- Advertisement -
