- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ ماڻهن کي دهشتگردي لاءِ ڀڙڪائڻ واري ڪيس ۾ شاگرد اڳواڻ غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي جي سومر تائين گرفتاري کان اڳ واري حفاظتي ضمانت منظور ڪئي وئي آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ سومر تائين شاگرد اڳواڻ غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت طرفان غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي جي ضمانت رد ڪئي وئي هئي.
وڪيل حسيب جمالي موقف پيش ڪيو ته غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي خلاف بي بنياد ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته هڪ جوابدار کي سندس گهر مان ۽ هڪ کي اسپتال مان گرفتار ڪيو ويو.
هن چيو ته دهشتگردي ٽوڙ جي خاص عدالت بنا ڪنهن جواز جي ٻنهي ڄڻن جي ضمانت رد ڪئي آهي، عدالت کي استدعا آهي ته ضمانت منظور ڪئي وڃي.
چيف جسٽس ظفر احمد خان راجپوت طرفان غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي جي ٽرائل ڪورٽ پاران رد ڪيل ضمانت بحال ڪري ڇڏي.- Advertisement -
