سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت وفاقي ۽ صوبائي گهرو سيڪريٽرين، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي

- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت وفاقي ۽ صوبائي گهرو سيڪريٽرين، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل شهرين جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته گم ٿيل شهرين جي بازيابي بابت ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن؟. جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته ملير مان گم ٿيل نويد اقبال جي بازيابي لاءِ 33 جي آءِ ٽيز ۽ پي ٽي ايف جا 18 اجلاس ڪوٺايا ويا آهن. عدالت پڇاڻو ڪيو ته 2 مهينا اڳ شهري جي بازيابي بابت ڪارروائي جاري رکڻ جو حڪم ڏنو هو، 2 مهينن ۾ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي آهي. جاچ آفيسر چيو ته شهري جا گهر ڀاتي سهڪار نه ڪري رهيا آهن، 15 جي آءِ ٽيز جي اجلاس ۾ پيش به نه ٿيا آهن، ٻن ڄڻن کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيو هو، پر جوابدرن عدالت مان ضمانت ڪرائي ورتي. عدالت  گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت وفاقي ۽ صوبائي گهرو سيڪريٽرين، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 17 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.  
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
24.1 ° C
24.1 °
24.1 °
25%
2.8m/s
70%
اربع
23 °
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون