تازه ترين

سنڌ هائيڪورٽ طرفان ميرپور ماٿيلي جي صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي قطعي چالان بابت رپورٽ چئن هفتن ۾ طلب

- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ صحافي نصر الله گڏاڻي قتل ڪيس جي پڪي چالان بابت دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۽ گهوٽڪي جي ايس ايس پي کان چئن هفتن اندر قطعي رپورٽ طلب ڪري ورتي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميرپور ماٿيلي ۾ قتل ٿيل صحافي نصرالله گڏاڻي قتل جو ڪيس پڪو چالان عدالت ۾ پيش نه ڪرڻ بابت  درخواست  جي ٻڌڻي ٿي. نصرالله گڏاڻي جي امڙ مائي پٺاڻي، ڀائر ۽ وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران ايس ايس پي گهوٽڪي پاران قتل ڪيس جو چالان  پيش ڪرڻ بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نصرالله گڏاڻي ڪيس جو جاچ آفيسر تبديل ڪري جاچ ڊي ايس پي حوالي ڪئي وئي آهي. ايس ايس پي پاران پيش ڪيل رپورٽ موجب نصر الله گڏاڻي قتل ڪيس جي چالان جي اسڪروٽني ٿي رهي آهي، اسڪروٽني مڪمل ٿيڻ بعد چالان دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾پيش ڪيو ويندو. عدالت ۾  درخواستگذار مائي پٺاڻي چيو ته نصر الله گڏاڻي قتل ڪيس ۾ ملوث پ پ ايم اين خالد لنڊ، شهباز لنڊ، نور محمد لنڊ ۽ ٻين جوابدارن کي پوليس   گرفتار نه پئي ڪري. سندس  چوڻ هو ته ڪيس ۾ گهربل بااثر جوابدار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جوابدار پيشيءَ تي به هڪ هزار کان ماڻهو وٺي اچن ٿا، جوابدارن مان سندن حياتي کي خطرو آهي، تحفظ فراهم ڪيو وڃي. عدالت چيو ته جن جوابدارن کي پوليس گرفتار نه ٿي ڪري ان لاءِ ٽرائل ڪورٽ سان رابطو ڪيو وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ صحافي نصر الله گڏاڻي قتل ڪيس جي پڪي چالان بابت دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۽ گهوٽڪي جي ايس ايس پي کان چئن هفتن اندر قطعي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي چئن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
26 ° C
26 °
26 °
29 %
1.3kmh
0 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
32 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون