تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ هائيڪورٽ پاران گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ لاءِ ايس پي رينڪ جو آفيسر مقرر ڪرڻ جو حڪم

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ هائيڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ لاءِ ايس پي رينڪ جو آفيسر مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏيندي گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ لاءِ آءِ جي ۽ ٻين کي سنجيده قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي پوليس ۽ ٻين جاچ ادارن کان 5 سيپٽمبر تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران جمشيد ڪوارٽرز واري علائقي مان 11 سالن کان گم ٿيل شهري علي جي گهرواري عدالت ۾ ڏک ڀريو داستان ٻڌايو جڏهن ته عورت جو تڪليف ڏيندڙ داستان ٻڌي عدالت جو ماحول سوڳوار ٿي ويو.

علي جي گهرواري چيو ته سندس مڙس 11 سالن کان گم آهي، آخر ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جنهن جي سزا ختم ئي نٿي ٿئي؟.

علي جي گهرواري چيو ته اڪيلي عورت جو هن معاشري ۾ رهڻ ڪيترو ڏکيو آهي ڪنهن کي اندازو آهي؟، هوءَ ڳوڙها ڳاڙي ويٺي.

علي جي گهرواري چيو ته هوءَ جيڪڏهن مدد به ڪنهن کان گهري ٿي ته بدلي ۾ ڪجهه نه ڪجهه گهرن ٿا.

عورت جي بيان بعد عدالت پوليس ۽ گهرو کاتي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس آخر ڇا ڪري رهيا آهن؟،  ڇا سڀ ماڻهو رڳو پگهار لاءِ ڊيوٽي پيا ڪن؟، 11، 11 سالن تائين گم ٿيل شهري جو پتو نٿا لڳائي سگهن ته ڪم ڇڏي ڇو نٿا ڏين؟.

عدالت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ لاءِ ايس پي رينڪ جو آفيسر مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت  گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ لاءِ آءِ جي ۽ ٻين کي سنجيده قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي پوليس ۽ ٻين جاچ ادارن کان 5 سيپٽمبر تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
16.8 ° C
16.8 °
16.8 °
44 %
2.2kmh
0 %
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون