- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ ڪراچي جي صنعتڪار ذوالفقار احمد جي بازيابي بابت ڪيس ۾ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اربين رپيه خرچ ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو آهي، اهڙي حالت ۾ فورسز نه هجي ها ته بهتر آهي.
جسٽس ڪوثر سلطانه رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته قوم جا ٻار ملڪ ڇڏي وڃي رهيا آهن، هڪ موبائيل فون لاءِ سندن حياتي کي خطرو هوندو آهي، والدين پريشان هوندا آهن ته هڪ موبائيل فون لاءِ سندن ٻار جي حياتي نه هلي وڃي، ماڻهن خانگي سڪيورٽي گارڊ رکي پنهنجا بئنڪ اڪائونٽ خالي ڪري ڇڏيا آهن.
ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل چيو ته هي مسسنگ پرسن جو ڪيس آهي، صنعتڪار ذوالفقار احمد واپس اچي چڪو آهي، جنهن تي جسٽس ڪوثر سلطانه پڇيو ته ڇا هي ڀنگ لاءِ اغوا جو ڪيس هو؟
درخواستگذار جي وڪيل چيو ته صنعتڪار کي ڪراچي مان کنيو ويو، جيڪو لاهور مان هٿ آيو، لاهور ۾ به سندس ڪمپني جي مئنيجر ۽ ڊپٽي مئنيجر کي به کڻي ويا آهن.
جسٽس ڪوثر سلطانه چيو ته انڪري ڪاروباري ماڻهو هتان وڃي رهيا آهن، شايد اسان پرڏيهي مشروب پيئڻ ڇڏي ڏني آهي، جيڪڏهن ايئن ڪرڻو هو ته رمضان جي مهيني ۾ ڪريو ها.
عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته هن ڪيس ۾ ڪهڙي جاچ ٿي آهي، اربين رپين جي بجيٽ آهي، پوليس ۽ رينجرز ڇا پئي ڪري؟ قوم جا ٻار ملڪ ڇڏي ٻاهر وڃي رهيا آهن، هتي هڪ موبائيل فون تي به سندن جان خطري ۾ هوندي آهي، سندن والدين پريشان هوندا آهن ته هڪ موبائيل فون جي ڪري سندن ٻچي جي حياتي هلي نه وڃي.
جسٽس ڪوثر سلطانه پوليس عملدارن کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان مضبوط آهيو يا اهي ماڻهو وڌيڪ طاقتور آهن؟ اهڙين حالتن ۾ بهتر آهي ته فورسز نه هجي، اربين رپيا خرچ ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو؟
درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ذوالفقار احمد جي ٻيهر اغوا ٿيڻ جو خدشو آهي، جنهن تي عدالت ايس ايڇ او ڪلري کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته جيڪڏهن هاڻي ذوالفقار احمد ۽ سندس آفيس جي ڪنهن به ماڻهو کي اغوا ڪيو ويو ته ان جو ڪيس ايس ايڇ او تي داخل ڪيو ويندو.
درخواستگذار جي وڪيل چيو ته صنعتڪار ذوالفقار احمد عدالت ۾ پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرائڻ چاهي ٿو، ڪيس لاءِ اڃا هڪ تاريخ رکي وڃي، عدالت چيو ته درخواست جو مقصد پورو ٿي ويو آهي، ذوالفقار هاڻي انويسٽيگيشن جوائن ڪري، جنهن بعد عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي….- Advertisement -
